جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊکڻ محلا ۽ فقير سائين لانڍي جي رھواسين گاجي خان بروھي، شڪور احمد سومرو ۽ خان محمد سومرو جي اڳواڻي ۾ سوئي گئس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري شڪارپور ۽ جيڪب آباد ويندڙ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته ٻن مھينن کان گئس بند آھي، سوئي گئس انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود اسان جو مسئلو حل ناهي ٿيو، صبح جو ٻار بغير ناشتي جي اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن هنن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اعليٰ عملدارن ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪيو  ته فورن گئس بندش جو نوٽيس وٺي گئس فراهمي يقيني بڻايو وڃي