جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ان ڏس ۾  جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج ذوالفقار علي شيخ پاران  جوابدار نديم ٿھيم کي پنھنجي سئوٽ مسمات فردوس ٿھيم کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جنم ٽيپ ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار 2 سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.