جيڪب آباد(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران 20 نومبر تي شڪارپور ۾ ٿيندڙ تاريخ ساز پيغام جمعيت ڪانفرنس ۽ مولانا فضل الرحمان جي دوري جي ڪاميابي لاءِ دفتر جي يو آءِ جيڪب آباد کان ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا  عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، هيومن رائيٽس جي حمادالله انصاري، تاج محمود امروٽي جي اڳواڻي ۾ موٽرسائيڪل تي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي شريڪ ڪارڪنن ۽ شھرين کي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا ھئا شھر جي مختلف رستن شاھي بازار، ٽاور روڊ، قائد اعظم روڊ، سول اسپتال روڊ، نيشنل ھاءِ وي، باءِ پاس کان ٿيندي پريس ڪلب پھتا، جتي مقررين چيو ته يوٽرن خان جو ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي ھاڻي يوٽرن خان جو ڪو به سياسي مستقبل ناھي. مولانا فضل الرحمان اسلام آباد لاءِ ڪال ڏني ته لانگ مارچ لاءِ تيار آهيون، وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه جي دوري جا مثبت نتيجا ٿيندا.