جيڪب آباد (رپورٽر) جمعيّت علماءِ اسلام جي  اميدوارن جي حمايت ۾ ايم  سي وارڊن جان محمد ڪالوني، جعفر آباد، ڪريم آباد جي اميدوارن انجنيئر حمادالله انصاري، عبدالغفار بروهي، معاويا بنگلاڻي، نور خان ڇڄڻ، تاج محمود امروٽي ۽ ٻين جي حمايت ۾ ڊور ٽو ڊور ورڪ ڪئي ۽ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مولانا عبدالجبار رند ،انجنيئر حمادالله انصاري ۽ ٻين ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب چيو ته ڪتاب امن، علم ۽ روشنيءَ جي نشاني آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪتاب جي اميدوارن جي حمايت ۾ 22 جون تي جيڪب آباد ۽ 23 جون تي ٺل ۾ وڏيون ريليون ڪڍي پاور شو ڪيو ويندو.