جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ پوليس افضل بابا قبرستان ڀرسان جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ سلطان کوسو، بھرام جتوئي، مير محمد بروهي، عبدالنبي بروهي، سڪندر بروهي، مصري ڀنگر، تاج بروهي، نوخاف جکراڻي، علي کوسو، عاشق بروهي، علي گل جکراڻي، شفيع محمد جکراڻي، آفتاب چانڊيو، شوڪت ٿھيم، واحد بخش سومرو، خالد جتوئي، نادر قمبراڻي، بچل قمبراڻي، نظير خاراني، رفيق ڀنگر ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس موجب جوارين وٽان ھڪ لک 11 ھزار روپيا روڪ رقم، 17 موبائيل فون ۽ 6 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.