جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، تعليم کاتي پاران ٽِي اِي او روبينه ڪلوڙ جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل تقريب ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سنگل سيڪشن، گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ڪي جي، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول علڻ خان جمالي، گورنمينٽ گرلز مين پرائمري سنڌي اردو اسڪول سميت مختلف گرلز اسڪولن جي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. تقريب جو مهمان خاص وڏي وزير جو جيلن بابت صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي هو. تقريب ۾ مختلف اسڪولز جي شاگردياڻين پاران سنڌي ثقافتي ۽ سائنسي شين جي اسٽال لڳايا ويا جڏهن شاگردياڻين پاران خاڪا ۽ تقريرون پڻ ڪيون ويون.