جيڪب آباد ۾ بم سان حملو: شھري مارجي ويو، 7 اھلڪار زخمي

0
221
جيڪب آباد ۾ بم سان حملو: شھري مارجي ويو، 7 اھلڪار زخمي

جيڪب آباد ۾ دستي بم حملي ۽ فائرنگ دوران شهري غلام مصطفيٰ جکراڻي مارجي ويو، 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آھن

ايس ايس پي جيڪب آباد چيو آهي ته مولا داد روڊ تي موٽر سائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو

 پوليس پارٽي روڊ تي بيٺي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، پوليس هڪ شڪي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

حملي بعد پوليس جو علائقي کي ڪڙو چاڙھي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ حملي ۾ مارجي ويل  شھري جو مڙھھ ۽ زخمي اھلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو آھي