جيڪب آباد (رپورٽر) ڳڙهي خيرو جي رهواسي ايريگيشن کاتي جي ملازم عبدالستار ميرالي پنھنجي گھرواري ثمينا ۽ نياڻين سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو پهچي ايريگيشن ۽ خزاني آفيس جي آفيسرن خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج دوران ملازم پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس اهلڪارن باهه  ڏيڻ کان بچائي ورتو. ان موقعي ملازم عبدالستار ميرالي دانهيندي چيو آهي ته اسان جو برادري وارن سان جهيڙو هلندڙ هو جنھن سبب منھنجي پگھار پنج سالن کان بند ھئي هاڻي اسان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ھڪ مھينو اڳ نوڪري تي بحال ٿي ويو آھيان پر پگھار نه ٿي اچي خزاني آفيس وارا پگهار جاري ڪرڻ لاءِ پنج لک رشوت گھري رهيا آهن.پگھارون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پاڻ کي پريس ڪلب آڏو باھ ئي ساڙي ڇڏيندس.