جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ آءِ بي اي پاران 5 کان 15 گريڊ تائين نوڪرين جي ڀرتي لاءِ رٿيل ٽيسٽ برسات جوجواز ڄاڻائي ملتوي ڪئي وئي آهي،  جڏهن ته ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندڙ اميدوارن پاران آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي مک دروازي آڏو احتجاج ڪيو ۽ دروازي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ آهي ته هزارين روپيا خرچ ڪري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ سينٽر پهتاسين ته ٻڌايو ويو ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي. انتظاميا پوليس نفري گهرائي اميدوارن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته برسات سبب ٽيسٽ ملتوي ڪئي آهي، 22 جنوري آچر ڏينهن تي ورتي ويندي.