جيڪب آباد(رپورٽر) پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي سندس پٽ شيوا سيتلاڻي کي کنڀي تشدد ڪرڻ واري معاملي ۾ برطرفي کان پوءِ بحال ٿيل 2 سب انسپيڪٽر علي حسن مهر، عبدالجهانگير مٺياڻي رورٽ ٿيڻ کان پوءِ اي ايس آءِ ٿي ويا ۽ هڪ اي ايس آءِ انور شاهه هيڊ ڪانسٽيبل ٿي ويو جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار عمرالدين بنگلاڻي کي جبري طور رٽائرڊ ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون تي تشدد واري معاملي ۾ انهن اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو هو جنهن کان هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي ٻيهر جاچ ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي جنهن لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو جنهن بعد مون انڪوائري آفيسر وٽ پيش ٿي انهن اهلڪارن کي معاف ڪرڻ جو بيان پر ھاڻ انهن اهلڪارن کي سزا طور رووٽ ۽ جبري رٽائرڊ ڪيو ويو واضح رهي ته آڪٽوبر 2021 ۾ اڳوڻي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ انتقامي ڪاروائي ڪندي هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي سندس پٽ شيوا سيتلاڻي کي کنڀي تشدد ڪرايو هو جنهن بعد سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين نوٽيس ورتو هو.