جيڪب آباد/ڳڙهي خيرو (نمائندن وٽان) جمعيت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران بدامنيءَ، بلاجواز گرفتارين، ٿاڻن تي غير انساني سلوڪ ۽ ٽارچر خلاف جي يو آءِ تعلقي جي امير مولانا عبدالجبار رند، غلام شبير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي نيشنل ھاءِ وي تي 2 ڪلاڪ ٽائر ساڙي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلع جيڪب آباد ۾ هر روز بدامني وڌندي ٿي وڃي.  ڪيترائي علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن.  مختلف ٿاڻن جي پوليس بلاجواز گرفتاريون ڪري ماڻهن کي سخت ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، اگھاڙو ڪري ھٿ پير ٻڌي نڪ ۾ پاڻي وڌو وڃي ٿو ۽ ڪافي وقت لاءِ ٻڌي لٽڪايو وڃي ٿو. هنن چيو ته جي يو آءِ جي ساٿين محمد صيفل گوپانگ جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ ھڪ کٿابي حبيب الرحمان بنگلاڻي کي گرفتار ڪيو ويو . پوليس جا ظلم بند ۽ بي گناھن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ضلعي سطح تي وڌايو ويندو.هوڏانهن ڳڙهي خيرو ۾مولانا سليم الله بروھي ۽ اسدالله حيدري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو .