جيڪب آباد/ڪريم بخش کوسو (نمائندن وٽان)  جيڪب آباد ۾ سي آءِ اي پوليس چنا محلا ۾ هڪ گهر ٿي ڇاپو هڻي ٽن ڊوائيز ھولڊرن محمد عالم جکراڻي، صدردين جکراڻي ۽ عامر منجهو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٽن جوابدارن خلاف سول لائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ حد جي پوليس ٻڌايو ته ٽئي جوابدار غير قانوني طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي پئسن مان 2 کان 3 هزار رپيا ڪٽوتي ڪندا هئا. ٻي طرف ڪريم بخش کوسو ويجهو ڳوٺ جهنڊو راهيجو ۾ پوليس گهر تي ڇاپو هڻي 2 ڊوائيز ھولڊرن عبدالحئي راهوجو ۽ عابد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻنهي جوابدارن خلاف ڪريم بخش کوسو ٿاڻي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته ٻئي جوابدار غير قانوني طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي پئسن مان 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي ڪندا هئا.