جيڪب آباد شهر ۾ گٽر نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگري جي وارثن پاران لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، نينگريءَ جي پيءُ وزير احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا ٺيڪيدار کي گٽر کي ڍڪ لڳائڻ لاءِ چيو ويو پر ڪن لاٽار سبب نينگريءَ جي حياتيءَ وئي آهي، ٺيڪيدار خلاف ڪيس ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي…..