جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ مٽي ملائڻ جو انڪشاف، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي ڪارروائي، ڪڻڪ ۾ مٽي ملاوٽ ڪيل سوين ٻوريون هٿ، ڊي سي اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب جيڪب آباد جي خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ سرڪار پاران خريد ڪيل ڪڻڪ ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان مٽي ملائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن خوراڪ کاتي جي گدامن تي ڇاپو هڻي ڪڻڪ ۾ مٽي ملاوٽ ڪيل سوين ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، ملاوٽ بابت ڊي سي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي مختيار ڪار خوراڪ کاتي جي گدام تي پھچي معائنو ڪري ڊي سي کي رپورٽ پيش ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ سرڪاري ڪڻڪ ۾ مٽي ملاوٽ ڪرڻ جي معاملي جو اينٽي ڪرپشن کي جاچ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيو، آهي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ ملاوٽ جي اطلاع تي نوٽيس ورتو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاعن موجب ڊائريڪٽر جنرل خوراڪ کاتو سيد امداد شاهه مٽي ملاوٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ فوڊ سپروائيزر غلام مصطفيٰ انڙ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، اھڙو آرڊر پڻ جاري ڪري کيس لاڙڪاڻي فوڊ آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.