جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 12 ڏينهن اڳ پراسرار نموني قتل ٿيل کدڙي فقير جي قتل ۾ کدڙو فقير ۽ عاشق ملوث ھئڻ جو انڪشاف، مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل. خبر موجب محمد شريف ڪالوني ۾ 12 ڏينهن اڳ پراسرار نموني قتل ٿيل کدڙي فقير انيل ڪمار جي قتل ۾ کدڙو فقير سنجي عرف پارو ۽ عاشق غلام محمد بروهي ملوث ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صدر ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ رامچند کدڙو فقير سنجي عرف پارو ۽ عاشق غلام محمد بروهي سميت چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار سنجي عرف پارو جي چرچ تي غلام محمد بروهي ۽ ٻين ڀاءُ کي قتل ڪيو، پوليس کدڙي فقير جي قتل ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.