جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت ٻيهر ٽرائل دوران چرس جو ڏوهه ثابت،  2 جوابدارن کي جنم ٽيپ،ان ڏس ۾ جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 48 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪوئيٽا واسي ٻن جوابدارن محمد يونس مينگل ۽ عبدالمنان مينگل کي جنم ٽيپ ۽ 5/5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڪاٽيندا. واضح رهي ته 7 جولائي 2017 تي ڪريم بخش ٿاڻي جي پوليس الٽو ڪار مان 48 ڪلو چرس هٿ ڪري بنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ھو، ساڳئي عدالت 29 جون 2019 تي ٻنهي جوابدارن خلاف عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي هئي جنهن فيصلي خلاف جوابدارن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏيو هو، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عدالت 14 مارچ 2022 تي ٻيهر ٽرائل شروع ڪيو.