جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد ڪوريجو ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري چوڪيدار محمد نواز کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب 50 ورهين جو محمد نواز کوسو دڪان تي چوڪيدار هو، چوري جي ارادي سان ايندڙ چورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو.