جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) هڪ مهينو اڳ جاگير جي علائقي ۾ بلوچستان پوليس جي 6 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث مٺو شاهه گينگ جو هڪ ڏوهاري مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، خبر موجب جيڪب آباد جي صدر ۽ بلوچستان پوليس جو ڪارروائي دوران باءِ پاس تي مٺو شاهه گينگ سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مٺو شاهه گينگ جو هڪ ڏوهاري ۽ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل ڪريم بخش عرف ڪرو گلواڻي جکراڻي مارجي ويو، پوليس مارجي ويل ڏوهاري کان ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويل ڏوهاري جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا ٻڌايو ته مٺو شاهه گينگ جو مک ساٿي ڪريم بخش عرف ڪرو گلواڻي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏھن ته ڏوهاري جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا، ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڌاڙيل بلوچستان پوليس جي انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪارن جي شھادت ۾ ملوث هو، مٺو شاهه سميت سڀني گينگس ۾ موجود ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رهندي، ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ اوستا محمد پوليس مٺو شاهه جي پيءُ معشوق شاهه کي فل فراءِ پڻ ڪري ڇڏيو هو.