جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته دلمراد ٿاڻي جي حد دلمراد چوڪ تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي ويو،  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ڏوهاري غلام ياسين بنگلاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار  کان غير قانوني طور پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ته  گرفتار ڏوهاري خلاف 5 ڪيس داخل ٿيل آهن.