جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجھو مولاداد ٿاڻي جي حد دنب ٿرڙي وٽ پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿيو.فائرنگ ۾ بدنام ڏوهاري علائقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل لعل  مير جکراڻي مارجي ويو، ڏوهاري وٽان پوليس ڪلاشنڪوف هٿ ڪري ورتي آهي.لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مولاداد ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل ڏوهاري لعل مير جکراڻي ڪيترائي ڀيرا سوشل ميڊيا تي پوليس کي چئلينج ڪري ڏوهه ڪندو هو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري لعل مير جکراڻي مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي قتل، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙن جا 25 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آهن جيڪو علائقي ۾ دھشت جو علامت بڻيل هو.واضح رهي ته مارجي ويل بدنام ڏوهاري لعل مير جکراڻي جو ساٿي بختو جکراڻي ڪجهه مهينا اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو.