جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد بابو پاڙي ۾ هلندڙ منشيات جي اڏي تي پوليس اي ايس پي عامر جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هنيو پوليس منشيات جي ڊيلر دادن قمبراڻي کي 10 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن خلاف سول لائن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته سٽي پوليس منشيات سپلاءِ ڪندڙ محمد بخش جمالي کي 180 گرام ھيروئن سميت گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي ان سلسلي م ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا ٻڌايو ته منشيات فروش نوجوانن جي زندگي سان کيڏي رهيا آهن منشيات فروشن خلاف ڪاروائي تيز ڪئي وئي آهي مختلف ڪاررواين ۾ منشيات جي ڊيلر سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.