جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت پنهنجي اخبار جي رپورٽر سميت چئن صحافين مٿان باغي ايم پي اي پاران عزت کي ڇيهو رسائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏيي، خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي اي محمد اسلم ابڙو پاران پنهنجي اخبار جي رپورٽر عبدالغني کوسو سميت صحافي عبدالرحمان آفريدي، بخشڻ خان لهر ۽ غلام عباس سومرو مٿان عزت کي ڇيهو رسائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏيي، جيڪب آباد واسڻ پيرسن عورت غلام سڪينا ايم پي اي محمد اسلم ابڙو پاران زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو هو، جيڪا خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ ايم پي اي چئن صحافين مٿان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جيڪا درخواست 14 مھينن تائين عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ رهي، صحافين جي وڪيل عبدالرحمان مغل پاران ڪيس جا دليل ڏيڻ کانپوءِ ڪالهه عدالت محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪيو.