جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو مڙس گھرو اڻبڻت تان زال کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. خبر موجب مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇڄڙا ۾ جوابدار مڙس ارشاد مغيري پنهنجي 24 ورھين جي زال درخاتون کي پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، وارث ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو، ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار گھرو اڻبڻت تان پنهنجي نوجوان زال کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وارثن جي اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.