جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد واسي نوجوان صوبائي سطح تي انڊر 19 ڪرڪيٽ ۾ سليڪٽ ٿي ويو، جيڪب آباد جي ڪريم آباد پاڙي واسي نوجوان ليفٽ آرم اسپنر شاهزيب ٿهيم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ لاءِ انڊر 19 ۾ سليڪٽ ٿيڻ بعد پنهنجون ميچز کيڏڻ لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي شاهزيب ٿهيم هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ جي شوق ۽ گهر ڀاتين پاران کيس سپورٽ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انڊر 19 سنڌ لاءِ سليڪٽ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن بعد سندس مٽ مائٽ ۽ دوست تمام گهڻا خوش آهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي شاهزيب ٿهيم جو چوڻ هو ته سنڌ بِلو ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهتو آهيان، جتي ٻين صوبن سان ميچ رکيل آهن، جيڪي 26 جون کان شروع ٿينديون، انشاءِ الله پاڻ ملهائي انڊر 19 قومي ٽيم ۾ شامل ٿيندس.