ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين دوران ڊي اِي اوز پاران معذور اميدوارن کان به آفر آرڊر لاءِ رشوت وٺڻ جو انڪشاف، جيڪب آباد جي ڊي اِي او سيڪنڊري ۽ ڊپٽي ڊي اِي او پاران آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي پاس ٿيل معذور اميدوارن کان في اميدوار 20 کان 25 لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، الزام هيٺ آيل ڊي اِي او ۽ ڊپٽي ڊي اِي او معطل، اعلي سطحي جاچ جو فيصلو،  مليل ڄاڻ موجب  سنڌ اندر پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين دوران مختلف ضلعن مان اميدوارن کان مقامي سطح تي ڊي اِي اوز ۽ سندن عملي پاران آفر آرڊر لاءِ رشوت گهُر ڪرڻ جاا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن، ان حوالي سان جيڪب آباد سان واسطو رکندڙ معذور خاتون اميدوار جي وارثن سيڪريٽري تعليم وٽ پهچي ثبوت پيش ڪندي الزام هنيو ته ڊي اِي او سيڪنڊري سرور دايو ۽  ڊپٽي ڊي اِي او خدا بخش دايو  آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ کانئن 20 لک رپين جي گهُر ڪئي آهي،  تعيلم واري سيڪريٽري جي سفارش تي چيف سيڪريٽري جيڪب آباد جي ڊي اِي او سرور دايو ۽ ڊپٽي ڊي اِي او خدا بخش دايو کي 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪري سندن خلاف اعليٰ سطحي جاچ جي هدايت ڪئي آهي، ان حوالي سان سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته معطل ڪيل ٻنهي آفيسرن خلاف اميدوارن کان آفر آرڊر لاءِ پئسا وٺڻ جا الزام هئا. اسان مامري جي جاچ شروع ڪرائي آهي، هن چيو ته ڪنهن به ضلعي ۾ ڪامورن پاران آفر يا جوائننگ آرڊر لاءِ رشوت  گهُرڻ جي صورت ۾ اميدوار مون سان رابطو ڪن، اهڙن ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.