جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت 140 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت تي هڪ جوابدار محمد طاهر مهر کي جنم ٽيپ ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ هڪ سال قيد جي سزا ڪاٽيندو، واضح رهي ته 6 مهينا اڳ ايڪسائيز پوليس باءِ پاس تي ٽرڪ مان 140 ڪلو چرس هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ھو جنھن جي ٻڌڻي ڪالهه ٿي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي سزا ٻڌائي وئي.