جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 107ڪلو چرس  رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪوئيٽا واسي جوابدار جمعه بروهي کي جنم ٽيپ ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڪاٽيندو. واضح رهي ته سي آءِ اي پوليس 19 جنوري 2021ع تي ممل ڦاٽڪ وٽ مزدا کي روڪي ان مان چرس هٿ ڪيو هو جڏهن ته صدر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار جمعه بروهي ۽ ارباب تي منشيات جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته جوابدار ارباب ڪيس ۾ روپوش ٿي ويو آهي