جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت سول لائن  ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رهواسي شھري عارف کوسو جي گهر ۾ ڌاڙي واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار رفيق ٽالاڻي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ سول لائن پولیس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو آهي واضح رهي ته چار مهينا اڳ شهري عارف کوسو جي گهر مان ڦورن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 22 لک روڪ ۽ 15 تولا سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.