جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 5 لک کان وڌيڪ ووٽر حق استعمال ڪندا، پولنگ کان اڳ ضلعي ۾ 137 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، بنا مقابلي ڪامياب ٿيلن ۾ ضلعي ڪائونسل جا 21 ميمبر، جنرل ڪائونسلر 81، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين 21، ميونسپل ڪاميٽي وارڊ ميمبر 2، ٽائون ڪاميٽي وارڊ ميمبر 13 شامل، 120 انتهائي حساس پولنگ تي سيڪيورٽي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو خبر موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ 5 لک 59 هزار 945 ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪندا جن ۾ 3 لک هڪ  هزار 603 مرد ۽ 2 لک 58 هزار 342 عورت ووٽر شامل آهن جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سڄي ضلعي مان 137 کان وڌيڪ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن جن ۾ ضلعي ڪائونسل جا 21، جنرل ڪائونسلر 81، چيئرمين وائيس چيئرمين 22، ميونسپل ڪاميٽي وارڊ ميمبر 2، ٽائون ڪاميٽي وارڊ ميمبر 13 شامل آهن جڏهن ته ضلعي جي 527 پولنگ اسٽيشن مان 258 حساس ۽ 120 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي سيڪيورٽي جي انتظامن بابت فيصلو ٿي نه سگهيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي جي 120 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ لاءِ ڊي آر او کي هدايتون ڏنيون ويون آهن پر ان باوجود به ضلعي جي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن جي سيڪيورٽي بابت ڊي آر او فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جيڪب آباد جي عملدار نصر ﷲ سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انتهائي حساس پولنگ جي سيڪيورٽي بابت ڊي آر او کي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جي لاءِ چيو ويو آهي باقي سيڪيورٽي جي صورتحال جي ذميواري ڊي آر او جي آهي ان سلسلي ۾ ڊي آر او ڊي سي جيڪب آباد ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو نمبر اٽينڊ نه ٿيو.