جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ هزارين ماڻهو مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هڪ مهيني دوران ٺل تعلقي ۾35، ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ 32 ۽ تعلقي جيڪب آباد ۾ 31 انساني جانيون مليريا ۽ گيسٽرو ڳڙڪائي ڇڏيون آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي آهي.ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻوڏ کان پوءِ مليريا ۽ گيسٽرو ڪر کنيو آهي، صحت کاتي جون بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن مختلف ڪئمپن تي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڳوٺن ۾ ماڻھن جي علاج لاءِ ميڊيڪل موبائيل ٽيمون موڪليون وينديون آهن، برساتن کانپوءِ مليريا ۽ گيسٽرو ۾ 90 کان وڌيڪ انساني جانيون ضائع ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان اڃان لسٽ ناهي ٺاهي آفيس وارن کي چئي ڇڏيو آهي جيڪي فوتگين بابت لسٽون جوڙيندا جيڪا ميڊيا وارن سان شيئر ڪئي ويندي .