جيڪب آباد (رپورٽر) قلعه سيف الله ڀرسان حادثي ۾ فوت ٿيل 5 ڄڻن مان 4 ڄڻن رياض پٺاڻ، عابد علي ڏنگر، احمد علي پنھيار، نياز سولنگي جا مڙهه جيڪب آباد آندا ويا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جا مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، حادثي ۾ فوت ٿي ويل عابد علي ڏنگر ۽ نياز سولنگي جي جنازي نماز ڏنگرن جي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد ميھر شاهه قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، رياض پٺاڻ جي جنازي نماز ايئرپورٽ روڊ تي ۽ احمد علي پنھيار جي جنازي نماز پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته سعيد احمد چاچڙ جي جنازي نماز اباڻي علائقي بلوچستان ۾ بختيارآباد ۾ ادا ڪئي وئي.