جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ٺل جي ڳوٺ عبدالغني شاهه واسڻ سڪينا زال قربان  لاشاري جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿي ويو ۽ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، وارثن ٻار جو لاش کڻي جمس اسپتال جي مک دروازي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوريج لاءِ ايندڙ ميڊيا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  ان موقعي تي عورت جي مڙس قربان لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته عورت کي ويم جي آپريشن لاءِ هڪ ڏينهن اڳ اسپتال آندو ويو پر وقت سر آپريشن نه ڪيو ويو جنهن سبب عورت جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿي ويو ۽ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي پر بيحس انتظاميا پاران عورت کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا سراسر زيادتي آهي هنن چيو ته جمس اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي