جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جيل ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ ٽن مهينن کان قيد ڌرمپال جي طبيعت  خراب ٿي وئي، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اهڙي اطلاع تي وارث اسپتال پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ جيل سپريٽنڊنٽ عبدالغفار چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قيدي ڌرمپال بلڊ پريشر ۽ شُگر جي عارضي ۾ مبتلا هو، قيدي کي عدالت ۾ حاضري بعد جيل آندو ويو ته ان جي طبيعت خراب ٿي وئي، شُگر گهٽ ٿيڻ سبب سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ته اتي فوت ٿي ويو آهي. واضح رهي ته فوتي ڌرمپال وياج جي پئسن ۾ عبدالڪريم جکرو کي 25 لک جو چيڪ ڏنو هو، جيڪو پاس نه ٿيڻ تي ٽي مهينا اڳ عبدالڪريم جکرو سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن الزام هيٺ جيل اندر قيد هو.