جيڪب آباد جو باني جرنل جان جيڪب

0
144
جيڪب آباد جو باني جرنل جان جيڪب

سنڌ ۾ ھونئن تہ ڪيترائي حاڪم آيا ۽ ويا، جن مان اڪثريت انھن ماڻھن جي ھئي جيڪي پنھنجي منفي ڪردارن جي ڪري پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي ويا، پر چند ماڻھو اھڙا بہ آيا، جن کي سنڌ جي سرزمين سان عشق ٿي ويو، يقينن تاريخ بہ اھڙن ئي ڪردارن کي ياد رکيو اچي، جن مان جنرل جان جيڪب انگريزن جي دور جو اهڙو حاڪم هو، جنهن جي ڪيل ڪوششن سان سنڌ فتح ٿي. هو نه صرف برطانيا جي تاج لاءِ بي جگري سان وڙهيو، پر مقامي ماڻهن جي نفسيات جو جائزو وٺندي، انهن جي دلين کي به سرنگون ڪندو آيو. هن جيڪب آباد ۾ ڪيترائي تعميراتي ۽ سائنسي ڪم ڪيا. هن جي سائنسي دريافت رائيفل، گوليون، گهڙيال ۽ ڪرسيون وغيره هيون. هن جڏهن شهر جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو ته نه صرف هتي بازارون ۽ ڪشادا روڊ ٺهرايا، پر ماڻهن جي رهائش لاءِ شهري حدن اندر مفت پلاٽ به الاٽ ڪيائين. ڪيترن فوجين ۽ قبائلي سردارن کي زمينون جاگير طور ڏنائين، جيڪي اڄ به انهن زمينن مان فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. جنرل جان جيڪب کي سنڌ جي سرزمين ۽ ماڻھن سان اھو چاھه ئي ھو،

جنھن جي ڪري ھن سنڌ جا پڊ وسايا ۽ رڪارڊ ڪم ڪرايا.سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي عظيم ڪردار سامهون آيا آهن جن ۾ ٻه شخصيتون خاص ڪري هڪ قلندر لعل شهباز ۽ ٻيو جنرل جان جيڪب، انهن شخصيتن مان اهڙا مثالي ڪردار آهن، جن جي شخصيت کي ڏسندي اسان نه صرف انهن کي داد ڏيون ٿا پر انهن کي پنهنجو به قبوليون ٿا ته انهن جي تاريخي ڪردار کي به لبيڪ چئون ٿا.جرنل جان جيڪب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪلچر سان به وڏي محبت ۽ عقيدت رکندو هو، جنهن ڪري هتي هرسال ثقافتي ميلي جو ڏينهن پڻ ملهايو وڃي ٿو، جيڪو سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو جي نالي سان اڃا به جاري رهندو پيو اچي.جرنل جان جيڪب اصل ۾ هڪ پادري مسٽر اسٽيفن لانگ جيڪب (Stephen long Jacob) جي گهر ۾ 11 جنوري 1812ع تي انگلينڊ جي سمرسيٽ (somer set country) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وولونگٽن (woolavington) ۾ جنم ورتو. جان جيڪب شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتي. جنهن بعد انگلينڊ جي ائڊسڪومب (Addiscombe) شهر جي فوجي اداري ۾ سکيا وٺڻ لاءِ داخلا ورتائين. جتي هو فوجي تربيت حاصل ڪرڻ سان گڏ انهيءَ اداري جي مسئلن ۽ فوجي ڪارنامن تي مضمون لکي ڇپرائيندو رهيو. جان جيڪب جو ڏاڏو ايڊورڊ جيڪب (Edward Jacob) هڪ ماهر سرجن هو. چار ڀيرا فئو ر شام (Faver Sham) شهر جو ميئر ٿي رهيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن ۾ فئور شام جي تاريخ گهڻو مشهور ٿي.هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين ۽ ٽيڪنيڪل ذهن رکندڙ شاگرد هو.

هُن جي خواهش هُئي ته هُو انجنيئر بڻجي، پرقسمت جا کيل نرالا ٿين ٿا ۽ فوجي آفيسر بڻجي ويو. هُو 1828ع ۾ فقط سورنهن ورهين سالن جي عمر/ ڄمار ۾ ڪميشن پاس ڪري برطانوي آرمي ۾ آرٽلري جو “سيڪنڊ ليفٽيننٽ” مقرر ڪيو ويو.جان جيڪب نوڪريءَ جا پهريان ست سال بمبئيءَ ۾ پنهنجي ريجمينٽ ۾ گذاريا، جتي واندڪائيءَ جي وقت ۾ انجنيئري، سائنس ۽ فلسفي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو ۽ گڏوگڏ مشرقي ٻولين تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندو هو.1835ع ۾ جان جيڪب کي گجرات جي انگريز ڪليڪٽر جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ پهرين افغان ائنگلو جنگ ڇڙڻ وقت کيس انڊين آرمي سان ملي افغانستان وڃڻ جو آرڊر مليو.1840ع ۾ جان جيڪب کي فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو جتي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام سياسي عيوضي طور مقرر ڪيو ويو.جنوري 1847ع ۾ جنرل جان جيڪب کي پوليٽيڪل ايجنٽ بڻائي، خان ڳڙهه موجوده جيڪب آباد واري علائقي ڏانهن موڪليو ويو. تڏهن هتي ٽالپرن پاران هڪ فوجي ڪئمپ ڪچي قلعي ۾ قائم ٿيل هُئي، قلعي ۾ صرف سپاهي، ٽي هندن جا هَٽَ/ دُڪان ۽ هڪ کاري پاڻيءَ جو کُوهه نظر آيا.جان جيڪب هن  علائقي ۾ اچڻ شرط ڪيترائي ڪم ڪرايا. شهر ۾ مٺو پاڻي آڻڻ لاءِ ٻه واهه “راڄ” ۽ “ٻڌو” جي نالي سان شهر جي اوڀر ۾ وهندڙ “نور واهه” مان کوٽائي آندائين.فوجي ڇانوڻيءَ لاءِ بئريڪون، آفيسون گئريجون روڊ ۽ رستا ٺاهي هڪ وڏي ڇانوڻي قائم ڪيائين.جيئن ته جنرل جان جيڪب پاڻ هڪ انجنيئر به هو ۽ هن جي ڪمال جو مظهر هڪ گهڙيال تيار ڪرڻ آهي،

جيڪو اڄ به ڊپٽي ڪمشنر ريزيڊنسي ۾ موجود آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ لوڪل ٽائيم ۽ GMT گرين وچ مين ٽائيم ٻڌائيندو آهي ۽ هن جي ٻين شاهڪارن مان ڪبوتر خانو ۽ وڪٽوريا ٽاور آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن.جان جيڪب کي ڳولڻ لاءِ، تاريخ جا ورق ورائيندي، اسين جڏهن سال 1838ع تي پهچون ٿا ته ان وقت هڪ طرف هندوستان تي انگريزن جي حڪومت ۾ لارڊ آڪلينڊ گورنر جنرل راڄ ڪري رهيو هو، ته ٻئي طرف روس، وچ ايشيا تي پنهنجي اقتدار کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. ان ڪري هندوستان ۾ انگريز حڪومت کي اچي خطرو لڳو ته ڪٿي روسي فوج افغانستان ۽ ايران رستي هندوستان تي نه حملو ڪري. انهيءَ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ لارڊ آڪلينڊ، جي درٻار ۾ افغانستان جي حاڪم دوست محمد خان ڏانهن پنهنجو ايلچي ڏياري موڪليو ته گڏجي روس سان مقابلو ڪجي. پر دوست محمد خان اها صلاح نه مڃي ۽ رهندو به روس سان سازباز ڪرڻ لڳو.هن ضلعي کي پهريون اپر سنڌ فرنٽيئر چيو ويندو هو، (جنهن جو اڳوڻو نالو خانڳڙهه به هو)، جنهن کي اڳتي هلي 1851ع ۾ “جيڪب آباد” سڏيو ويو ۽ 2005ع تائين هن ضلعي ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو تعلقا شامل هئا، پر ڪنڌڪوٽ ضلعي ٿيڻ کان پوءِ هي ضلعو فقط ٽن تعلقن تي مشتمل آهي.هن جو بهترين ڪارنامو اهو هو، جو اناج جي قيمت دڪاندار جي مرضيءَ تي ڇڏيائين ۽ مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجرت مزدورن ۽ ڪاريگرن جي خواهش تي ڇڏيائين ان جو مطلب اهو هو ته دڪاندار ۽ ڪم ڪندڙ پنهجي مرضيءَ سان اگهه ۽ اجرتون وٺن. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن جي مٿان به ڪو زور زبردستي نه رهي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاديءَ جي انهيءَ تجويز جي ڪري گهڻا ماڻهو خوش ٿيا ۽ پنهنجا ڪم مرضيءَ موجب ڪرڻ لڳا.1857ع ۾ جڏهن جان جيڪب ائڪٽنگ ڪمشنر هو ته ڪراچيءَ کان ملير تائين ريل سروس به شروع ٿي. گاڏيءَ کي “ريگل گاڏي” چئبو هو. عوام کي بهرحال گهڻي سهولت ملي ۽ ماڻهو ڪافي خوش ٿيا.

جرنل جان جيڪب فوجي دستي “سنڌ هارس” جو سپرنٽينڊنٽ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ سفر ڪندو هيو ۽ امن امان کي پنهنجو ايمان سمجهندو هو. جڏهن انگريزن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو تڏهن سنڌ ۾ ميرن (ٽالپرن) جي حڪومت هئي. ميرن پنهنجي دور ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ مير ڀائر جدا جدا حڪمران ٿي ويا.جنرل جان جيڪب 6 ڊسمبر 1858ع تي فقط 46 سالن جي عمر ۾ دماغي مليريا جي مرض ۾ مبتلا ٿي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس ڪوئٽيه روڊ تي مجول جي قبرستان ۾ گورن لاءِ مخصوص ڪيل هنڌ تي دفنايو ويو. ۽ آخر ۾ آءُ جيڪب جو شعر هتي پيش ڪيان ٿو: “منهنجي ڳولا فقط هڪ ئي آهي، سا آهي حق جي تلاش! جيڪا مون (هتي) ڏسي ورتي آهي. (جيڪب)