جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ پريا ڪماري، نديم لاشاري، ميڻڪ جي ڌاڙيلن وٽان بازيابي لاءِ جمعي جي اجتماعن ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون، ان ڏس ۾ شهر جي مختلف مسجدن ۾ ميڙاڪن ۽ جمعي جي خطبن ۾ دعائون پڻ گهريون ويون، جيڪب آباد ۾ ٿيل ميڙاڪي کي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، مولانا عبدالقدير حنفي، تاج امروٽي ۽ ٻين چيو ته آمريڪي عدالت پاران ڊاڪٽر عافيه صديقي کي 86 سالن جي سزا ڏين انسانيت جو قتل آھي، ھنن چيو ته معاملي تي انساني حقن جا علمبردار ملڪ ۽ تنظيمن جي اڳواڻن جي خاموشي شرمناڪ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي پرياڪماري، نويد لاشاري، ميڻڪ سميت سمورن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي.