جيڪب آباد بوسنيا بڻجي ويو، سنڌ جي عوام ظالمن جو ساٿ ڏنو: سراج الحق

0
278
جيڪب آباد بوسنيا بڻجي ويو

جيڪب آباد: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سنڌ جي عوام ظالمن جو ساٿ ڏئي کين اقتدار تائين پهچايو، عوام جن کي ووٽ ڏين ٿا، موٽ ۾ تن کي ڪجهه نٿو ملي

جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته انگريز حڪمران جان جيڪب جي دور ۾ جيڪب آباد بهتر هو، هو انسانن سان انصاف ڪندو هو

هن چيو ته جيڪب آباد بوسنيا بڻجي ويو آهي، مائرن جي پيٽ مان مئل ٻار پيدا ٿين ٿا، پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي

سراج الحق چيو ته ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب ته 6 لک کان وڌيڪ ڳورهاريون عورتون روڊن تي رهن ٿيون، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻوڏ متاثر ڳورهاري عورتن جا ٻار پيدا ٿيڻ بعد معذور بڻجي ويندا

هن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي امداد ۾ کربين روپيا مليا، ڇا ماڻهو مري ويندا ته پوءِ انهن کي پئسا ڏنا ويندا

سراج الحق چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان حڪومت وڃڻ بعد چون ٿا ”مجهي ڪيون نڪالا“ شهباز به جلد ايئن چوندو

ھي به پڙھندا

جماعت اسلامي طرفان ڪراچي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان