جيو پوليٽڪس جو نئون دور ۽ اسان جي ملڪ جو مستقبل

0
293
جيو پوليٽڪس جو نئون دور ۽ اسان جي ملڪ جو مستقبل

  ڪجهه ڏينهن پهرين صدر شي جن پنگ روس جو اهم دورو مڪمل ڪري واپس چين موٽي آيو آهي ۽ ايراني صدر سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهي دورا ايندڙ جديد جيو پوليٽڪس جي جوڙجڪ جو سلسلو آهن، جيڪو چين جي سربراهي ۾ طاقت جي توازن کي مغرب کان مشرق ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهن. چين جي سب کان اهم ڪاميابي سعودي عرب ۽ ايران جي تعلقات جي بحالي آهي، جنهن سان عرب دنيا ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه جي خاتمي ۽ پُرامن دور جي شروعات ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي رهيا آهن. سعودي عرب جي خارجه پاليسي ۾ چين سان قربت ۽ آمريڪا سان سرد مهري اسان جي خطي لاءِ هن صديءَ جي سڀ کان اهم تبديلي آهي، جنهن جا اسان جي ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سياست تي اثر اڻٽر آهن. نئين جوڙجڪ جي پڄاڻي ڇا ٿيندي؟ سو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر  ان جا ڪجهه خد و خال واضح ٿي رهيا آهن، جن تي عمومي طرع سڀني ملڪن پر خاص ڪري اسان جي ملڪ جي پاليسي سازن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو

جديد جيو پوليٽڪس جي جوڙجڪ تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پهرين اچو ته ان دور کي سمجهون، جنهن مان نئون دور جنم وٺي رهيو آهي. اهو دور تقريبن ٽيھ سال پهرين شروع ٿيو هو ۽ هاڻي لهندڙ سج جيئن اسان کي اوداع چئي رهيو آهي. ان دور جو بنياد ٻن تاريخي واقعن تي هو. 1999ع ۾آمريڪا چين کي پنهنجي تجارتي نظام ۾ قبول ڪيو هو ۽ 1992ع ۾سوويت يونين ٽُٽي ويو هو ۽ ڪميونزم کي شڪست آئي هئي. انهن ٻنهي واقعن آمريڪا کي سپر پاور مان هائپر پاور بڻايو هو ۽ دنيا ۾ هن جي ملٽري، سياسي ۽ معاشي طاقت کي چار چنڊ لڳايا هئا، جن کي هاڻي گرهڻ لڳي رهيو آهي. اهو تاريخي عمل آهي، جنهن اڄ کان پهرين نه ته فرعونن کي بخشيو هو ۽ نه وري عربن ۽ ايرانين کي. آمريڪي پروفيسر وولف جي خيال ۾ جيڪڏهن مصر، چين، يونان، رومن، ڊچ، اسپين، ترڪ ۽ انگريز سامراج  ختم ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ڇو ڪير اهو سوچي ٿو ته آمريڪي سامراج ختم نه ٿيندو؟ سامراج جي زوال کي سمجهائيندي هو چوي ٿو ته، “سامراج جي زوال جو اصلي سبب اندروني هوندو آهي، جنهن کان حڪمران اشرافيه منهن موڙيندي آهي. جڏهن اشرافيه ۽ عوام جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي اڻبرابري انتها کي پهچندي آهي ته اشرافيه ان کي حل ڪرڻ جي بدران ٻين ملڪن تي الزام لڳائيندي آهي”. آمريڪا کي ڏسون ته اهو به ان حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻيو آمريڪي پروفيسر جيفري سيڪس ان خيال کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو ته، “آمريڪا هر ڏهين سال نئون مخالف ٺاهيندو آهي، جنهن کي هو شيطان چئي جنگيون ڪندو آهي. ڪڏهن هوچي منهه، ته ڪڏهن صدام ۽ ڪڏهن وري پيوٽن. هاڻي ان لسٽ ۾ شي جن پنگ کي شامل ڪيو ويو آهي”. گذريل ٽيھ سالن ۾ آمريڪين دنيا جي غريب عوام تي حملن، بمباري ۽ جنگي جرائم جي سينچري پوري ڪئي آهي.

هڪ آمريڪي صحافي جديد جيو پوليٽيڪل دور تي پنهنجي تجزئي ۾ لکيو  آهي ته، “آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي عرب جي دوري ۾ چيو هو ته اسان علائقي مان ڪونه هليا وينداسين ۽ خلا کي خالي ڇڏينداسين، جو چين، روس ۽ ايران ان جو فائدو وٺي سگهن، پر هاڻي ائين لڳي ٿو ته آمريڪا نه پر ٻيا ملڪ آمريڪا کي الوداع چئي رهيا آهن”. بقول ايراني روحاني ليڊر خامنائي جي، “ايشيا ڄاڻ، معاشيات ۽ سياسي طاقت سان گڏ ملٽري طاقت جو مرڪز پڻ بڻبو”. ڇا ان جوڙجڪ ۾ ايترو دم آهي جو هو آمريڪي سامراج جي سياسي، معاشي ۽ ملٽري طاقت جو مقابلو ڪري سگهي؟ ان لاءِ يقين سان چوڻ مشڪل آهي.

ڊالر سامراجي هٿيار آهي

بقول هڪ آمريڪي سرمائيدار جي ته جيڪڏهن آمريڪي ڊالر دنيا ۾ پنهنجي مڃتا وڃائي ويٺو ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڊالر جي بدران ڪنهن ٻي ڪرنسي ۾ تجارت ڪئي ته پوءِ آمريڪي خوشحالي ۾ پنجويهه سيڪڙو ڪمي ايندي. ان جو ٻيو مطلب اهو آهي ته آمريڪا ۾ پنجويهه سيڪڙو خوشحالي ٻين ملڪن جي عوام جي آهي، جيڪا فقط ڊالر جي غلبي جي ڪري اتان منتقل ٿي، آمريڪا اچي ٿي. آمريڪا جي خوشحالي کي سمجهائڻ جي لاءِ آئون هڪ آسان مثال ڏيان ٿو. آمريڪي سامراج کان پهرين برطانيا وڏو سامراج هو ۽ ان جي ڪرنسي پائونڊ جو دنيا جي تجارت تي غلبو هو. جڏهن کان آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڊالر طاقت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ سنڀاليون آهن ته برطانيا جو حشر توهان جي سامهون آهي. هو هڪ ڀيرو پاڪستان جيئن آئي ايم ايف کان بيل آئوٽ وٺي چڪو آهي ۽ هاڻي به هن جون نگاهون آئي ايم ايف ڏانهن آهن. جديد جيو پوليٽڪس جي جوڙجڪ  جو هڪ اهم مقصد ڊالر جي جڳهه تي متبادل ڪرنسي آڻڻ آهي. جڏهن اها متبادل ڪرنسي رائج ٿيندي ۽ دنيا جا ملڪ پاڻ ۾ نئين ڪرنسي ۾ تجارت ڪندا ته پوءِ ئي آمريڪا جي طاقت کي سخت ڌڪ رسندو. سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن جو آمريڪا سان واعدو هو ته هو فقط آمريڪي ڊالر ۾ تيل وڪڻندا. سعودي عرب ان واعدي کان هٽي ڪري چين سان چيني ڪرنسي ۾ تيل وڪڻي رهيو آهي، جيڪا آمريڪا جي جيو پوليٽڪس جي وڏي ناڪامي آهي. هو ان مان بنهه خوش نه آهي. پاڪستان ۾ غربت جو هڪ اهم سبب ڊالر  ۾ تجارت ۽ ان جو غلبو آهي، جيڪو اسان جي اشرافيه کي پسند آهي. انهن جا ٻار مغرب ۾ پڙهن ٿا. انهن جا خاندان مغرب ۾ آباد آهن. هو پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ مغرب وڃن ٿا. هنن جي زندگي امپورٽيڊ شين سان ڀرپور آهي. ان حد تائين جو هاڻي صاحب پاڻي به امپورٽيڊ پيئن ٿا. نئين جوڙجڪ ۾ غريبن جي لاءِ چڱائي جي اميد آهي پر ان جو دارومدار ملڪ جي ايندڙ معاشي، سياسي ۽ خارجه پاليسي تي منحصر آهي.

خطي ۾ بدلجندڙ جيو پوليٽڪس

آمريڪا جي افغانستان، عراق، لبيا ۽ شام ۾ ڪارواين مسلم دنيا ۾ ان جي ساک کي سخت ڌڪ رسايو آهي. آمريڪا پنهنجي غرور ۽ طاقت جي نشي ۾ سعودي عرب ۽ ٻين عرب اتحادين کي ناراض پڻ ڪيو آهي. ان جي ٻٽي اخلاقي معيارن، هٿيارن جي روڪ ۽ عرب زمين تي ناجائز حملن، مخالف ملڪن تي ناجائز تجارتي ۽ معاشي پابندين دنيا جي ملڪن کي غير محفوظ بڻايو آهي ۽ هو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن. نئين جيو پوليٽيڪل دور جو ٻيو اهم سبب اسلامي دنيا جي اڳواڻي جو خواب آهي. هر اسلامي ملڪ اهو تاج پنهنجي سر تي سجائڻ چاهي ٿو پر ان ڊوڙ ۾انڊونيشيا، ترڪي، پاڪستان، ايران ۽ سعودي عرب سڀ کان اهم رهيا آهن. انڊونيشيا جي سب کان وڏي ڪمزوري هن جي جاگرافي ۽ اسلامي مرڪز کان پري هئڻ آهي. پاڪستان واحد اسلامي ملڪ آهي، جنهن وٽ ائٽمي طاقت آهي پر اشرافيه جي غلط معاشي پاليسين ملڪ کي ڏيوالپڻي ڏانهن ڌڪيو آهي ۽ هو ان ڊوڙ مان پاڻ کي خارج ڪري چڪو آهي. ترڪي جون معاشي حالتون ۽ هن جو پنهنجي ڪرنسي کي بچائڻ لاءِ سعودي عرب کان مدد وٺڻ به بذاتِ خود سعودي طاقت جي اڳيان جهڪڻ آهي. سعودي عرب جي راهه ۾ آخري رڪاوٽ ايران هو، جنهن سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪري هو ان خواب جي تعبير جي قريب تر اچي رهيو آهي. سعودي عرب کي اندازو آهي ته عرب ۽ اسرائيل تڪرار جي ڪري آمريڪي اشرافيه، جيڪا اسرائيل جي قريب آهي، سا سعودي عرب کي وڏي علائقائي طاقت طور قبول نه ڪندي. سعودي عرب ڪوشش ڪئي هئي ته هو اسرائيل سان ٺاهه ڪري ان مقصد کي ماڻي پر هو ان ڪوشش به ڪامياب نه ويو ۽ هاڻي هو چين ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جيڪو ان خواهش کي عملي جامو پهرائڻ ۾ مددگار ٿي رهيو آهي. چين جي سهولت ڪاري سان ڪامياب سعودي ۽ ايراني مذاڪرات ان سلسلي جي پهرين ڪاميابي آهي. ٻئي ملڪ پنهنجا سفارت خانا کولي رهيا آهن ۽ سعودي بادشاهه سلامت پاڻ ايراني صدر کي رياض اچڻ جي نينڍ موڪلي آهي.

جديد جيو پوليٽڪس ۾ سعودي عرب جي وڌندڙ ڪردار کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو اسان جي اشرافيه جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. اڄ اسان جنهن چوواٽي تي بيٺا آهيون، ان ۾ هڪ طرف سعودي عرب ۽ چين آهن، جن سان اسان جا هماليه جيترا اوچا تعلقات آهن ته ٻئي پاسي وري آمريڪا ۽ ممڪنه طور انڊيا آهن. ڇا اسان سعودي عرب، ترڪي ۽ چين کي ڇڏي سگهون ٿا؟ اهو سوال اسان جي اشرافيه جون ننڊون حرام ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. سابق آمريڪي صدر ڪارٽر جي سيڪيورٽي چيف برزنسڪي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو آهي “گرانڊ چيس بورڊ”، جنهن ۾ هن چيو هو ته، “آمريڪا جي لاءِ اهو دور خطرناڪ هوندو، جڏهن روس، چين ۽ ايران پاڻ ۾اتحاد ڪندا”. ان وقت ڪنهن آمريڪيءَ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو سعودي عرب به ان اتحاد ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. جديد جيو پوليٽڪس ان خطرناڪ دور جو نالو آهي، جنهن کان برزنسڪي آمريڪا کي الرٽ ڪيو هو.