جيوپوليٽڪس بي رحم راند آهي

0
246
جيوپوليٽڪس بي رحم راند آهي

 “جيو پوليٽڪس بي رحم راند آهي”، اهي لفظ سنگاپور جي مفڪر پروفيسر ڪشور محبوباڻي جا آهن، جيڪو اقوامِ متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. هن جي چواڻي، “آئون جيوپوليٽڪس کي پنجاهه سالن کان پڙهي رهيو آهيان ۽ اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته هڪ ڌر مڪمل حق تي هجي ۽ ٻي مڪمل ڪوڙي هجي.

                 جيو پولٽيٽڪس جا مسئلا پراسرار آهن، آئون هتي پرزور نموني اهو چوڻ ٿو چاهيان ته اها حقيقت آهي ته مغرب جا ڪجهه مفڪر ڪافي وقت کان خبردار ڪري رهيا هئا ته يوڪرين روس جي سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي ۽ هو ڪڏهن به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اتان روس مخالف ڪاروايون ڪجن”.

                 مغرب، خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيا جي مُک ميڊيا ۾ يوڪرين ۾ هلندڙ جنگ جي حوالي سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته روسي صدر پيوٽن ظالم ڊڪٽيٽر آهي، هو پراڻي اسٽالن واري سوويت سامراج کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو. يوڪرين معصوم آهي ۽ روس هن تي بي گناهه حملو ڪيو آهي ۽ دنيا تي اخلاقي فرض آهي ته هو روس جي خلاف يوڪرين جي وڌ کان وڌ مدد ڪن. هو ان ڳالهه تي ڪافي ناراض آهن ته چين، انڊيا، پاڪستان، برازيل، انڊونيشيا ۽ ٻيا ملڪ روس جي مذمت ڇو نه ٿا ڪن. جڏهن ته مغرب ۾ تمام ٿورا مفڪر اهڙا به آهن، جيڪي انهن خيالن سان اختلاف رکن ٿا.

آمريڪي پروفيسر جيفري سيڪس اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي. هو آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو آهي. هن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو سابق سوويت صدر گورباچوف ۽ ان کان پوءِ روسي صدر ييلسن جو معاون رهي چڪو آهي. ان کان علاوه اقوامِ متحده جي ٽن سابق سيڪريٽري جنرلن جو معاون به رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين هُن جو آمريڪي اخبار پوليٽيڪو ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي، جنهن جو عنوان آهي “مغرب جو روس ۽ چين متعلق ڪوڙو بيان”،  جنهن جي شروعات ۾ هو لکي ٿو ته، “مغربي قيادت جي ناڪامي ۽ انهن جي عالمي تڪرارن کي غير ذميدارانه طور وڌائڻ سان دنيا نيوڪلئير تباهيءَ جي ڪناري تي پهتي آهي”. هو اڳتي هلي لکي ٿو ته، “مغرب جو اهو خيال ته هو مقدس آهي ۽ روس ۽ چين شيطان آهن، انتهائي خطرناڪ ذهنيت آهي”.

هڪ انٽريو ۾ هو چوي ٿو ته، “آمريڪا ڊپلوميسي کي استعمال ڪرڻ جي بجاءِ هٿيارن کي استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن سان دنيا غير محفوظ ٿي رهي آهي. اها پاليسي ٽيھ سال پهرين شروع ڪئي وئي هئي، جڏهن سوويت يونين ٽُٽو هو. ان وقت ڪجهه آمريڪي ليڊرن جي دماغ ۾ اها سوچ آئي هئي ته هاڻي آمريڪا اڪيلو سپر پاور آهي ۽ هو جئين چاهي، تئين دنيا کي هلائيندو. ان جا نتيجا تباهه ڪن نڪتا آهن. آئون پاڻ ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته آمريڪا جي اها ڪوشش رهي آهي ته هر مسئلي جو حل ملٽري طاقت سان ڪڍجي. اسان جتي چاهيون ٿا، جڏهن چاهيون ٿا جنگ ڪرڻ نڪرون ٿا ۽ وري دعويٰ ڪريون ٿا ته اسين امن پسند آهيون.

دنيا يوڪرين جي جنگ کان بچي سگهي ٿي، جي اسان روسي صدر پيوٽن کي ٻُڌون ها، جنهن ڊپلوميسي جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ وائيٽ هائوس ان کي ٿڏي ڇڏيو آهي. مون ٽي سال پهرين وائيٽ هائوس سان رابطو ڪيو هو ۽ انهن کي سمجهايو هو ته جي توهان پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندا ته پوءِ جنگ لڳڻ جو امڪان آهي. مو ن کي چيو ويو ته آمريڪا اهو ڪڏهن به نه ڪندو.

ان تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿي سگهي. هاڻي اسان جنگ ۾ آهيون، جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي. اسان اها ساڳي ذهنيت کڻي ايشيا ۾ يوڪرين جئين چين سان جنگ جي تياري ڪري رهيا آهيون. اسين اتحاد جوڙي ۽ هٿيار جمع ڪري رهيا آهيون، جيڪا نئين جنگ جي تياري آهي”.

آمريڪي ڪرنل ڊگلس مِڪگريگر پينٽاگان جو معاون رهي چڪو آهي ۽ ان کان علاوه  هو سابق آمريڪي صدر ٽرمپ جو معاون به رهيو آهي. هن جي خيال ۾؛ “اسان کي ڏھ سال پوئتي هلڻ گهرجي ۽ ان رجيم چينج کي سمجهڻ گهرجي، جنهن سان يوڪرين جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي وئي هئي ۽ پوءِ ان جي جڳهه تي موجوده حڪومت آندي وئي هئي،

جنهن جي پلاننگ وائيٽ هائوس ۾ وڪٽوريا نيولينڊ ڪئي هئي. هن سان گڏ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جا ٻيا  مشهور ماڻهو به شامل هئا، جن جا نالا آئون پهرين کڻي چڪو آهيان، جيڪي لبيا، عراق ۽ افغانستان ۾ به ملوث رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ هو غلطي ڪري ويٺا آهن ۽ انهن کي اندازو ڪونه هو ته پيوٽن ۾ ايترو دم آهي”.

هاڻي اچو ته آمريڪا جي سب کان مشهور ۽ معروف صحافي سيمور هرش کي ٻڌون. هي اهو صحافي آهي، جنهن ويٽنام ۾ سي آئي اي پاران هزارين بيگناهه ماڻهن جي قتلِ عام جا خفيه پيپر ڇپيا هئا، جنهن سان آمريڪي عوام کي جنگ جي اصلي مقصدن جي خبر پئي هئي ۽ ماڻهن ويٽنام جي جنگ جي خلاف تحريڪ هلائي هئي. ڪجهه ڏينهن پهرين آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ مان ڪنهن اهم ماڻهوءَ هن سان رابطو ڪري خبر ليڪ ڪئي آهي،

جنهن سان دنيا ۾ جنگ جي حوالي سان آمريڪي ڪردار تي نئون بحث ڇڙي پيو آهي. خبر اها آهي ته آمريڪي صدر بائيڊن روس کان جرمني ايندڙ گيس جي پائيپ لائين کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي منظوري ڏني هئي، جيڪا پوءِ آمريڪي نيوي ٻين مغربي ملڪن جي خفيه ايجنسين سان ملي ڪري اڏائي هئي. هرش جي بقول، ان منصوبي جي منظوري يوڪرين جي جنگ کان ٻه مهينا پهرين ڏني وئي هئي.

 اها پائيپ لائين اربين ڊالرن جي رقم، سالن جي محنت کان پوءِ سمنڊ جي تري ۾ سوين ڪلوميٽرن ۾ وڇائي وئي هئي. ان پائيپ لائين کي تباهه ڪرڻ سان روس کان علاوه جرمني کي وڏو نقصان ٿيو آهي، جتي مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. روس کان سستي گيس جرمني جي لاءِ نعمت هئي، جنهن سان هن جي انڊسٽري وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ ماڻهن کي روزگار مليو هو. جتي آهستي آهستي ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن ۽ مهنگائيءَ سان گڏ بيروزگاري عوام جي اذيت ۾ اضافو ڪري رهي آهي. هاڻي جرمني جي عوام کي آمريڪا کان مهانگي گيس تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو، جنهن جو فائدو آمريڪي سرمائيدار کي آهي.

جيوپوليٽڪس بيشڪ بي رحم آهي ۽ اهو پيغام رڳو آمريڪا جي ماڻهن لاءِ نه هو پر اهو اسان تي به اوترو لاڳو ٿئي ٿو، جيترو آمريڪا، چين ۽ روس تي. اهو پيغام ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ به آهي ته اهو پيغام اسان جي سياستدانن، قومپرستن ۽ سول سوسائٽي جي لاءِ به آهي. بهتر اهو آهي ته اسان پنهنجي معاملن کي طاقت جي استعمال جي بغير ڳالهه ٻولهه سان حل ڪريون ۽ پنهنجي اندر خلا کي نه ڇڏيون، جنهن جو عالمي طاقتون فائدو وٺن. جيڪڏهن اسان پنهنجن مسئلن جو حل نه ڪڍيو ته پوءِ اسان کي يوڪرين جئين ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.