جينز پهرڻ تان روڪڻ تي زال مڙس کي ڇريون هڻي ماري ڇڏيو

0
505
جينز پهرڻ تان روڪڻ تي

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ جينز پهرڻ کان روڪڻ تي هڪ عورت پنهنجي مڙس کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهو واقعو جهارکنڊ جي شهر جامترا جي ڳوٺ جور ڀيٺا ۾ پيش آيو جتي پشپا هيمبروم نالي عورت جينز پهري ميلو ڏسڻ وئي. جڏهن هو گهر موٽي ته جينز پهري ميلي ۾ وڃڻ واري ڳالهه تان زال مڙس ۾ جهيڙو ٿي پيو

مڙس جو چوڻ هو ته هاڻي اسان جي شادي ٿي وئي، هاڻي جينز پهرڻ بند ڪر. عورت جو اها ڳالهه ٻڌي پارو چڙهي ويو ۽ ڇري کڻي مڙس تي حملو ڪري ڏنائين. ڇري جا لاڳيتا وار ٿيڻ سبب مڙس سخت زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس ڪيس داخل ڪري عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ قتل ۾ استعمال ڪيل ڇري به هٿ ڪري ورتي آهي