لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيل ۾ 14 سال ڪتاب ۽ تاريخ پڙهي، وقت ضايع نه ڪيو، شهيد  بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته 14سال جيل ۾ وقت ناهي وڃايو، جيل ۾ ڪتاب پڙهيا ۽ تاريخ جو علم حاصل ڪيو، جيل ۾ سوچيندو رهيس ۽ پڙهندو رهيس، انقلاب ۽ مختلف معاشرن تي علم حاصل ڪيو، پيپلزپارٽي ۾ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل چين سان مضبوط رابطن ۾ آهي، موقعو مليو ته ملڪ جي استعمال نه ٿيل وسيلن کي ڪتب آڻيندس، وسيلن جو ثمر هر پاڪستاني تائين پهچائينداسين. هن چيو ته نوجوان بينظير ڀٽو جا 2 ڪتاب ڊاٽر آف دي ايسٽ ۽ ري ڪنسلي ايشن ضرور پڙهن.