لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ لاهور کان شروع ٿي وئي،سڀ کان پهرين وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي، جنرل سيڪريٽري اسد عمر، اعظم سواتي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن گرفتاري ڏئي ڇڏي . لاهور ۾ ڪيپٽل سٽي پوليس ( سي سي پي او ) آفيس ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪن قيدين جي گاڏي ۾ سوار ٿي ويا ۽ قيدن جي وين جي ڇت تي چڙهي ويا. گرفتاري ڏيندڙن ۾ عمر سرفراز چيما ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ پڻ شامل آهن، ڪارڪن پوليس وين تي چڙهي سيلفيون ٺاهيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان به گرفتاريون ڏيندڙ اڳواڻن جون تصويرون جاري ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن سميت 80 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون آهن، گرفتار ماڻهن جي حتمي تعداد جو تعين بعد ۾ ڪيو ويندو، سمورن ماڻهن کي 3 ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ گرفتاري ڏيندڙ سمورن پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ورڪرز کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان عابد پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ پوليس موبائل تي چڙهي ويو ۽ لتون هڻي شيشا ٽوڙيا، واقعي بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب سول لائينز م پوليس جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت قلم شامل ڪيا ويندا. جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران جيل ڀريو تحريڪ تحت 200 ڪارڪنن طرفان گرفتاريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڪوٽ لکت جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته 200 کان وڌيڪ ڪاڪنن اڳواڻن سان گڏ گرفتاريون ڏنيون آهن، اهو سلسلو سڄي ملڪ ۾ جاري رهندو.ان ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جهاد آهي، جيڪو ملڪ کي تباهه ڪندڙن خلاف آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان ٻن وڏن سببن جي ڪري حقيقي آزادي جي لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، پهرين اها ته اسان جي تحريڪ پرامن آهي ۽ اسان جي آئين تي حملا ۽ بنيادي حق نه ملڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. ٻيو اهو ته اسان شرمناڪ طور تي ايف آءِ آر، نيب ڪيسز، گرفتارين ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جي صحافين ۽ سوشل ميڊيا جي ماڻهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن. عمران خان چيو ته اسان جي تحريڪ مني لانڊرز، ملڪ جو پئسو ڦريندڙن ۽ پاڻ کي اين آر او ڏئي ملڪ جي معيشت برباد ڪندڙن خلاف آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته خاص طور تي غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقو مهانگائي ۽ بيروزگاري جي بار هيٺيان دٻجي ويو آهي، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته هو پنهنجي حقيقي آزادي جي لاءِ اسان جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين. هن وڌيڪ چيو ته هي تحريڪ پاڪستان کي آزاد ۽ خوشحال بڻائيندي، پاڪستان تڏهن خوشحال ٿيندو، جڏهن رياست اوهان جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪندي. جيل ڀريو تحريڪ جهاد جو نالو آهي، هڪ آزادي جو نالو آهي، جيترا ماڻهو هن تحريڪ ۾ شرڪت ڪندا اوترو ئي جلد اسان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿينداسين.