جيل ڀريو تحريڪ: ذولفي بخاري، فياض چوهاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي

0
161
جيل ڀريو تحريڪ
جيل ڀريو تحريڪ: ذولفي بخاري، فياض چوهاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي

جيل ڀريو تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ راولپنڊي مان ذولفي بخاري، فياض چوهاڻ ۽ عامر ڪياني ڪارڪنن سوڌو گرفتاريون پيش ڪري ڇڏيون
شيخ رشيد به گرفتاري ڏيڻ لاءِ لال حويلي کان ريلي جي صورت ۾ ڪميٽي چوڪ پهچي ويو
فياض چوهاڻ گرفتاري ڏيڻ وقت ڳالهائيندي چيو ته گهر وارن کي چيو آهي ته اسان جون ضمانتون نه ڪرائجو
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي گرفتاريون پيش ڪندڙ 77 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گم ڪيو ويو آهي
گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وارثن سان ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي، مريم نواز وٽ جيل ۾ چلهو به هو ۽ فراءِ پين به هو، اسان جي ماڻهن کي بنيادي حق ته ڏيو