جيل ڀريو تحريڪ دوران صرف 121 ڄڻن گرفتاريون پيش ڪيون:پنجاب پوليس

0
158
جيل ڀريو تحريڪ دوران

تحريڪ انصاف پاران جيل ڀريو تحريڪ دوران اڄ گوجرانوالا مان گرفتاريون پيش ڪيون وينديون، پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پاران جيل ڀريو تحريڪ دوران هيل تائين رڳو 121 ڄڻن گرفتاريون پيش ڪيون آهن

 لاهور مان پي ٽي آءِ جي 80 ڪارڪنن گرفتاري ڏني، راولپنڊي ۾ 41 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  گرفتاري پيش ڪئي، ملتان مان ڪا به گرفتاري نه ڏني وئي، تحريڪ انصاف پاران لاهور مان 200 ڪارڪنن جي گرفتاري ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي

پنجاب پوليس موجب شيخ رشيد سميت ڪيترن ئي اڳواڻن اعلان باوجود گرفتاري نه ڏني، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته کيس تحريڪ انصاف جي قيادت پاران گرفتاري ڏيڻ کان روڪيو ويو

هي به پڙهندا

اليڪشن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي کي شامل نه ڪرڻ جي استدعا