حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص جيل مان آزاد ٿيڻ بعد 4 ڄڻن جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي سي آءِ اي انچارج ميرپورخاص کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 4 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٽنڊو جان محمد جي رهواسڻ مسمات ضميران چانڊيو وڪيل امتياز ابڙو معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ سندس موقف آهي ته 14 سيپٽمبر تي سي آءِ اي انچارج عنايت الله زرداري، سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، ايس ايچ او ٽنڊو جان محمد جنيد احمد، اي ايس آءِ غلام حسين لغاري ٻين پوليس عملدارن سان گڏجي سندس ٻن پٽن، هڪ ڀاءُ ۽ ڀاڻج کي گرفتار ڪيو. 2 پٽ محمد قاسم ۽ سومر توڙي ڀاءُ محسن ۽ ڀاڻج انور سان گڏ جيل مان آزاد ٿيا ته رات جو ٻيهر کين پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سي آءِ اي انچارج ۽ ٻين پوليس عملدارن چئني ڄڻن کي بيگناهه گرفتار ڪري وارثن کان سندن آزادي لاءِ لکين رپيا رشوت به ورتي آهي پر کين اڃا تائين آزاد نه ٿو ڪيو وڃي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي ٽنڊو جان محمد ۽ نئون ڪوٽ جي ايس ايچ اوز سميت ٻين پوليس عملدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.