جيل جوانن لاءِ آھن: ڪراچي ۾ عورت مسافر سان بدتميزي ڪندڙ ڊرائيور گرفتار

0
605
بدتميزي ڪندڙ ڊرائيور گرفتار
جيل جوانن لاءِ آھن: ڪراچي ۾ عورت مسافر سان بدتميزي ڪندڙ ڊرائيور گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) الياس ڪوچ جي ڊرائيور طرفان تيز رفتاري کان منع ڪرڻ تي مسافر عورت سان بدتميزي ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

گذريل ڏينهن وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊرائيور تيز رفتاري کان منع ڪرڻ تي مسافر عورت سان بدتميزي ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ڪورٽ ڪچهريون ۽ جيل ته نوجوانن لاءِ ٺاهيون ويون آهن، جوان نه ويندا پوءِ ڪير ويندو

وڊيو ٺاهيندڙ عورت ڊرائيوت کي جواب ڏنو ته ” نه “ جيل مرد نه ڏوهاري ۽ بري تربيت وارا ماڻهو ويندا آهن، ان باوجود ڊرائيور تيز رفتاري کان نه مڙيو

سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٽريفڪ پوليس ڊرائيور کي چالان ڪري کيس شير شاهه شاهه پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو هاڻي جيل جي هوا کائي رهيو آهي