ڪوٽڙي (رپورٽر) نورعين جي جدائي ۾ ڪڏهوڪو مري چڪو هجان ها پر فقط کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ زنده آهيان. نورعين مهر جي مڙس منصور سومري جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو، جنهن ۾ هو چئي ٿو ته گذريل ڏينهن سيوهڻ جي عدالت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو سا جوابدار جي فقط اداڪاري هئي. وڊيو بيان ۾ منصور چوي ٿو، منهنجي ۽ نورعين جي ذاتي تعلق تي ڳالهائي نورعين ۽ منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هوءَ منهبجي زال هئي. منهنجو مهر ذات يا ڪنهن ٻئي سان جهيڙو ناهي، مان نورعين جي قاتلن لاءِ قانوني جنگ جوٽي آهي. آسمان ۾ نهاريندو آهيان ته نورعين جو چهرو نظر ايندو آهي جيڪا مون کي چوندي آهي ته مون کي انصاف ڏيارڻ کان سواءِ مون ڏي نه اچجان. جيڪي ماڻهو ڄاڻي واڻي  يا اڻ ڄاڻائي ۾ نورعين جو خون لوڙهي رهيا آهن انهن کي خدا جي ذات آڏو جواب ڏيڻو آهي. نورعين کان سواءِ هاڻي جيئرو رهڻ جو ڪوبه مقصد ناهي بچيو فقط کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ زنده آهيان.  سڄي سنڌ کي اپيل آهي ته هو نورعين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ منهنجي مدد ڪن