جوهي(ن پ ا) جوهي لڳ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا اغواٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ وارياسي جي رهواسي پورهيت عبداللطيف لغاري پنهنجي 4 پٽن سميت احتجاج ڪندي دانهيندي الزام هڻندي چيو آهي ته ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڊرائيور عمر جمالي جو ڀاءُ خادم حسين جمالي ۽ سندس ڀائر منهنجي زال نسرين کي اغوا ڪري ويا آهن. هن چيو ته مان گهر واري جي بازيابي لاءِ ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، سندس ڀائرن سردار ڏاتل خان جمالي ۽ زبير جمالي وٽ دانهن کڻي ويو آهيان پر مون کي رڳو آسرا ڏئي واپس ڪيو وڃي ٿو. لطيف لغاري الزام هڻندي چيو ته پوليس پڻ بااثرن جي مداخلت سبب فرياد وٺڻ لاءِ به تيار ناهي. لطيف لغاري چيو ته جوابدار زال جي بازيابي لاءِ 10 لک رپيا ڀنگ گهري رهيا آهن، مان دادو ۾ برياني کپائي ٻارن جو پيٽ گذر ڪيان ٿو، ايترا پئسا مان ڪٿان آڻيان؟. هن چيو ته ظالمن منهنجي گهر واري کي اغوا ڪري منهنجي 5 ٻچڙن کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي.ان موقعي لطيف لغاري جا پٽن روئيندي چيو ته اسان جي ماءُ کي بازياب ڪرايو وڃي. عبداللطيف لغاري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته زال بازياب ڪرائي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ٻچن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.