جوهي (ن پ ا ) جوهي لڳ چنڊڻ موري پوسٽ جي انچارچ ۽ پوليس اهلڪارن طرفان پرائمري استاد عبدالستار گاڏھي تي تشدد ڪري زبردستي ڀتو اوڳاڙڻ ۽ پوليس گردي خلاف احتجاج ڪيو ويو. سوين ٻوڏ متاثرين نور نبي گاڏھي, مولوي طالب گاڏھي, نور خان گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو ڇنڊڻ موري پوليس پوسٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته ڇنڊڻ پوليس پوسٽ جو اهلڪارن ٻيڙين جي ڪرائي ۾ ھٿرادو واڌ ڪرائي ايندڙ ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي عورتن ٻارڙن جو تذليل ڪري رهيا آھن ڀتو نه ڏيندڙن مٿان سخت تشدد ڪري پوليس پوسٽ ۾ واڙيو ٿو وڃي هنن چيو ته هڪ ٻوڏ عوام جا اجها به ٻوڙي ڇڏيا ٻئي طرف جوهي پوليس گردي ٻوڏ متاثرين جي اچ وڃ جا رستا به ڀتو نه ڏيڻ تي ٻيڙين وارن سان ملي ڀڳت ڪري بند ڪيا پيا وڃن.