جوهي (ن پ ا) جوهي ڳوٺ بچل لغاري واسي نذير لغاري کي هٿياربندن يرغمال ڪري مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان حوالي سان  نذير لغاري دانهيندي چيو ته رات دير سان جوهي شھر کان ڳوٺ وڃي رهيو هئس 6 واٽر وٽ 5 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري موٽر سائيڪل موبائل فون ڦر ڪئي، زبردستي مونکي اغوا ڪري کڻي وڃن پيا، پوليس پوسٽ ڳوٺ برادي لاشاري وٽ رڪشا سوار اچي پيو هٿياربندن مونکي ڇڏي رڪشا سوار فقير دائم لغاري کان روڪ رقم موبائل فون ڦر ڪري منهنجي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.