جوھي(ن پ ا) جوهي ۾ علاج لاء ويندڙ زخمي ڳوٺاڻو پوليس ھٿان گرفتار ٿي ويو. ڳوٺ بچل لغاري واسي ڦلجي روڊ وٽ رھندڙ محمد آچر لغاري زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ميڊيڪل ڪئمپ تي علاج لاءِ آندو ويو ته سندس اهو چئي علاج ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو ته تون زميندار آھين، دانھون ڪرڻ تي بااثرن جي چوڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو، وارثن دانهيندي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن لاء  ميڊيڪل ڪئمپ تي علاج لاء ويو جتي ميڊيڪل ڪئمپ جي نگراني ڪندڙ بااثر علاج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جتي هن ڪئمپ انتظاميا خلاف دانهون ڪيون جنهن سبب پوليس بااثر جي چرچ تي جوهي شھر ڦلجي روڊ وٽ اچي گهران کڻي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، وارثن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته محمد آچر لغاري اڄ ٻوڏ متاثرين بابت باء پاس روڊ تي احتجاج ڪندي سخت موقف رکيو  جنھن تي کيس گرفتار ڪيو ويو آھي